سرمست 17

سرمست 17

سرمست 17

سرمست 17: ’سرمست‘ جي 18 شماري جو مرتب محمد علي حداد آهي. مقالن جي ترتيب هن ريت آهي: (1) سوچ جو سرگم (ڊاڪٽر عبدلجبار جـوڻيـجـو)، (2) سچل جو فڪر ۽ سنيهو (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (3) فڪر سچل (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، (4) وحدت الوجود جو نظريو ۽ سچل سائين (ڊاڪٽر بشير احمد شـاد)، (5) سچل جـو نذرانه عقيدت بحضور اهليت (محمد پنهل ڏهر)، (6) سچل جو فڪر سگهارو محرڪ (دادا سنڌي)، (7) آڪيداس (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، (8) ڍڪيل ڪُنيءَ تان لاٿل ڍڪڻ (منصور ميراڻي)، (9) موجوده دور ۾ سچل سرمست جي ڪلام جي اهميت (ادل سومرو)، (10) سچل سرمست کي ڪيئن پڙهجي؟ (ملڪ نديم)، (11) آشڪار ۽ عطار جي ڪلام جو تقابلي مطالعو (خضر نوشاهي)، (12) سچل جو اصغر سائينءَ جي مشاعري تي اثر (امام راشدي)، (13) رحيم بخش فاروقي (خادم عباسي)، (14) سچل سرمست تي ببليو گرافي (محمد علي حداد).
ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل هن شماري جي قيمت 40 روپيا آهي ۽ اشاعت جو سال 1997ع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو